Sindh CM Meets with KAS Ambassador and Principal of St. Joseph’s Convent School
KARACHI (February 9th, 2023): Sindh Chief Minister Syed Murad Ali Shah exchanges views with Ambassador of the Kingdom of Saudi Arabia Mr. Nawaf Saeed A. Al Malkiy at CM House. Earlier; CM Murad Ali Shah meets with St. Joseph’s Convent School Principal Sr. Elizabeth Niamat at CM House.
ڪراچي (9 فيبروري 2023ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ صوبي جي برسات / ٻوڏ متاثرن کي گھر اڏي ڏيڻ، زراعت ۽ آبپاشيءَ جي بحالي وڏا چيلنجز آھن. برسات / ٻوڏ متاثرن کي 2 ڪمرا، ھڪ ورانڊو، رڌڻو ۽ واش روم وارو گھر اڏي ڏيڻ چاھيون ٿا. اھا ڳاھھ ھن اڄ وزيراعليٰ ھائوس ۾ سعودي سفير نواف سعيد المالڪي سان ملاقات دوران ڪئي. ان موقعي تي سعودي عرب جي سفير وڏي وزير کي ڪامياب ڊونرز ڪانفرنس ڪرائڻ تي واڌايون ڏنيون. سعودي سفير وڏي وزير کي ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ڀرپور سھڪارڪرڻ جو پڻ يقين ڏياريون. وڏي وزير چيو تھ متاثر ماڻھن جا گھر اڏڻ، زراعت ۽ آبپاشيءَ جي بحالي وڏا چيلنجز آھن. ھن چيو تھ انشاءَ اللھ ڊونرز ڪانفرنس جي مدد سان متاثرن جي بحاليءَ وارو وعدو پورو ڪيو ويندو. ھن وڌيڪ چيو تھ برسات / ٻوڏ متاثرن کي 2 ڪمرا، ھڪ ورانڊو، رڌڻو ۽ واش روم وارو گھر اڏي ڏيڻ چاھيون ٿا. سعودي سفير نواف سعيد المالڪي چيو تھ سعودي عرب سنڌ حڪومت سان گھرن کي اڏڻ ۾ ھر قسم جي مدد ڪندو. ملاقات ۾ سعودي عرب جو قونصل جنرل بندر فھد الدائل، وڏي وزير جو خاص معاون قاسم نويد ۽ پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي پڻ شريڪ ھئا. انھيءَ کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سان سينٽ جوزف ڪانونٽ اسڪول جي پرنسل سينئر الزبٿ نعمت وزيراعليٰ ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينٽ جوزف ڪانونٽ اسڪول جي پرنسپل اسڪول جي عمارت ۽ اندر واري روڊ جي مرمت لاءِ وڏي وزير کي درخواست ڏني. وڏي وزيرچيو تھ سينٽ جوزف ڪانونٽ اسڪول جي عمارت ورثو آھي، اسان ورثي کاتي کان اسڪول جي مرمت ڪرائينداسين. وڏي وزير اسڪول جي اندر واري روڊ بڻائڻ جي ھدايت جاري ڪري ڇڏي. سينٽ جوزف ڪانونٽ اسڪول جي عمارت 100 سال پراڻي آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ اسڪول جي عمارت کي بھترين انداز ۾ مرمت ڪرايو ويندو.
کراچی (9 فروری 2023ء) وزیراعلیٰ سندھ مراد علی شاہ نے کہا ہے کہ صوبے سیلاب متاثریں کے گھر بنا کر دینا، زراعت اور آبپاشی کی بحالی بڑے چیلنجز ہیں۔ سیلاب متاثرین کو 2 کمرے، ایک کوریڈور، کچن اور واش روم کا گھر بنا کر دینا چاہتے ہیں۔ یہ بات انہوں نے آج وزیراعلیٰ ہائوس میں سعودی عرب کے سفیر نواف سعید المالکی سے ملاقات کے دوران کہی۔ اس موقع پر سعودی عرب کے سفیر نے وزیراعلیٰ سندھ کو کامیاب ڈونر کانفرنس منعقد کرنے پر مبارکباد دی۔ سعودی سفیر نے وزیراعلیٰ سندھ کو سیلاب متاثرین کی بحالی کے لئے بھرپور تعاون کا یقین بھی دلایا۔ وزیراعلیٰ سندھ نے کہا کہ لوگوں کے گھر بنا کر دینا، زراعت اور آبپاشی کی بحالی بڑے چیلنجز ہیں۔ انہوں نے کہا کہ انشا اللہ ڈونرز کانفرنس کی مدد سے متاثرین کی بحالی کا وعدہ پورا کرینگے ۔ انہوں نے مزید کہا کہ سیلاب متاثرین کو 2 کمرے، ایک کوریڈور، کچن اور واش روم کا گھر بنا کر دینا چاہتے ہیں۔ سعودی سفیر نواف سعید المالکی نے کہا کہ سعودی عرب سندھ حکومت کے ساتھ گھروں کی تعمیر میں ہر قسم کی مدد کرےگی۔ ملاقات میں سعودی عرب کے قونصل جنرل بندر فہد الدائل، وزیراعلیٰ سندھ کے معاون خاص قاسم نوید اور پرنسپل سیکریٹری فیاض جتوئی بھی شریک تھے۔
قبل ازیں وزیراعلیٰ سندھ مراد علی شاہ سے سینٹ جوزف کانونٹ اسکول کی پرنسپل سینئر الزبتھ نعمت نے وزیراعلیٰ ہائوس میں ملاقات کی۔ سینٹ جوزف کانونٹ اسکول کی پرنسپل نے اسکول کی عمارت اور اندر کی سڑک کی مرمت کے لئے وزیراعلیٰ سندھ کو لیٹر دیا۔ وزیراعلیٰ سندھ سید مراد علی شاہ نے کہا کہ سینٹ جوزف کانونٹ اسکول کی عمارت ورثہ ہے، ہم محکمہ ورثہ سے اسکول کی مرمت کروائیں گے۔ وزیراعلیٰ سندھ نے اسکول کے اندر کی سڑک بنانے کی ہدایت جاری کر دی ۔ سینٹ جوزف کانونٹ اسکول کی عمارت 100 سال پرانی ہے۔ انہوں نے مزید کہا کہ اسکول کی عمارت کی بہترین مرمت کرائیں گے۔